گهوٽڪي (رپورٽر) بلدياتي اليڪشن ويجهو ايندي ئي گهوٽڪيءَ ۾ سياسي سرگرميون عروج تي پهچي ويون. پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي ٿيندڙ علي نواز عرف راجا خان مهر  پارٽي اميدوارن جي مخالفت ۽ آزاد اميدوارن جي حمايت لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. پ پ ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مهر ميونسپل ڪاميٽي وارڊ نمبر 6 تي آزاد اميدوار ظفرالهديٰ صديقي جي ورڪ لاءِ منعقد ڪيل جلسي ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ نامزد ڪيل پ پ اميدوارن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پيپلزپارٽي پاران ڏوهارين کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن. 26 جون تي پولنگ واري ڏينهن ڪنهن به آزاد اميدوار سان ڪو مسئلو ٿيو يا غلط ووٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو سٺو نتيجو نه نڪرندو. راجا خان مهر واضح ڪيو ته اليڪشن واري ڏينهن مهر برادري جا هزارين ماڻهن پولنگ ٻاهران پنهنجي ووٽرن جي حفاظت لاءِ موجود هوندا.