جيڪب آباد ۽ راڻيپور ۾ پوليس مقابلن دوران 2 ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ

0
442
جيڪب آباد ۽ راڻيپور ۾ پوليس مقابلن دوران 2 ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ
جيڪب آباد ۽ راڻيپور ۾ پوليس مقابلن دوران 2 ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ

جيڪب آباد/ راڻيپور (نمائندن وٽان) جيڪب آباد ۽ راڻيپور ۾ پوليس مقابلن دوران پوليس طرفان ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

جيڪب آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي، 6 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث  هڪ ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

ان سلسلي ۾ صدر پوليس جو چوڻ آهي ته بلوچستان پوليس سان گڏ ڪارروائي ۾  مٺو شاهه گينگ جو ڪريم بخش عرف  ڪرو گلواڻي مارجي ويو

ايس ايس پي سمير نور چنا جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري بلوچستان پوليس جي 6اهلڪارن جي شهادت واري واقعي  ۾ ملوث هو

ٻئي پاسي راڻيپور پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ  ڄڻي کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب گڏيجي پل ڀرسان مقابلي دوران  هڪ ڏوهاري مارجي ويو، سندس4  ساٿي فرار ٿي ويا

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ پريالو  جي ڳوٺ ڦل واسي عبدالله عرف عبدو  ڦلپوٽو طور ٿي آهي

هي به پڙهندا

ڪرمپور ۾ گرڊ اسٽيشن تان 2 سيپڪو ملازم مبينا طور اغوا