جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي گهر تي نيب جي ڇاپي دوران نيب ٽيم تي حملي جي ڪيس ۾ مک ڄاڻايل 3 جوابدار صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جو ويجهو عزيز وسيم احمد جکراڻي، تعليم کاتي جو ملازم ظفر ٻرڙو ۽ خادم حسين ڀٽو سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جيڪب آباد جي عدالت ۾ پيش ٿيا، ذريعن موجب ته ڪيس جي ٻڌڻي جي دوران سرڪاري وڪيل پاران درخواست ڏني وئي ته ڪاغذات مڪمل نه آهن، ٻي تاريخ ڏني وڃي، جڏهن ته جاچ آفيسر به عدالت ۾ موجود نه هو، جنهن بعد عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 5 ڏينهن جو واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.