کڏڙو (رپورٽ: ممتاز جوڻيجو) کڏڙو لڳ مڙس کان ڪاوڙجي جمڙائو ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت ۽ ٻن ٻارن جا لاش 30 ڪلاڪن بعد هٿ. ٽوٻن جي مسلسل ڳولا تي 30 ڪلاڪن بعد عورت ۽ ٻنھي ٻارڙن جا لاش جمڙائو ڪئنال مان ھٿ آيا. کڏڙو پوليس لاش پوسٽ لاءِ اسپتال کڻائي وئي. ان سلسلي ۾ ھڪ ڏينھن اڳ کڏڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام محمد ڏاھري واسي پورھيت محمد بخش خاصخيلي جي 25 سالن جي گھر واري صغران خاصخيلي گھريلو اڻبڻت تان مڙس سان ڪاوڙجي ٻن ٻارڙن 6 سالن جي نياڻي شبانا ۽ 5 سالن جي معصوم پٽ يامين سميت گھران نڪري نئين جمڙائو ڪئنال جي نئين پل آر ڊي 65 وٽ جمڙائو ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، جمڙائو ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت ۽ سندس ٻارڙن جي ڳولا ۾ مقامي ٽوٻن ۽ ڳوٺاڻن جي ناڪام ٿيڻ تي تڪ جي ايم پي اي خليفو وريام فقير خاصخيلي پاران ٽوٻن جي ٽيم موڪلي وئي، جڏھن ته اسسٽنٽ ڪمشنر سنجھورو، مختيارڪار سنجھورو ۽ علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران انساني ھمدردي خاطر پنھنجا ماڻھو آڻي لاشن جي جمڙائو ڪئنال ۾ صبح کان ڳولا شروع ڪئي وئي جنھن جي مسلسل ڪوششن تي 33 ڪلاڪن بعد پھريان 5 سالن جي يامين خاصخيلي جو جمڙائو ڪئنال جي آر ڊي 33 ڪاري ڦڙدي وٽان لاش ھٿ آيو بعد ۾ 17 ميل وٽ 6 ساله شبانه جو لاش ھٿ آيو آخر ۾ 14 ميل وٽ 26 ساله عورت صغيران جو لاش ھٿ آيو. کڏڙو پوليس عورت جي وارثن سان گڏ نينگر يامين جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال سنجھورو پھچايو، جڏھن ته سنجھورو اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه ھئڻ تي عورت صغران ۽ سندس ڌيءُ جو لاش سول اسپتال سانگھڙ پھچايو ويو جتي سندن پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. کڏڙو پوليس پاران سول اسپتال سانگھڙ مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد عورت صغيران جو لاش سندس ڀاءُ مشتاق بروھي حوالي ڪيو جيڪو سنجھورو ڀرسان ڳوٺ 39 جمڙائو کڻايو ويو. جڏھن ٻنھي ٻارڙن جا لاش سندن ڏاڏو امام بخش خاصخيلي کڏڙو ٿاڻي حد ڳوٺ غلام محمد ڏاھري ڏانھن کڻائي ويو. هوڏانهن عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير شهلا رضا پاران ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد سان رابطو ڪيو ويو آهي. شهلا رضا پاران ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد عرفان بلوچ سان رابطو ڪري کيس هدايت ڪئي ته جيڪڏهن واقعو ڊوميسٽڪ وائلينس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تحت پيش آيو آهي ته معاملي جو ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي.