گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي ڳوٺ لائي ٿيٻو بوائز پرائمري اسڪول مسئلن جي ورچڙھيل آهي، 250 سو کان مٿي شاگرد ۽ شاگردياڻين جي لاءِ صرف 4 ڪلاس روم آهن، فرنيچر، بجلي، پيئڻ جو صاف پاڻي، واش روم، اسڪول جي چوديواري ۽مين گيٽ به موجود ناهي ۽ بلڊنگ به زبون حالي جو شڪار آهي. ھيڊ ماستر وحيد الحسن ميمڻ استاد ڀون چند آڏواڻي استاد بشارت علي ناريجو ۽ شاگردن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايم سي جي فنڊ به گهٽ آهي اسڪول جي شاگردن کي بنيادي سهولتون فراهم به فراهم نه ڪيون ويون.