مٽياري (رپورٽر) اڏيري ۾ سڱاوتي تان ڀيڻ ڀاءُ جي قتل جو جوابدار وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.ان ڏس ۾ اڏيرولال اسيشن ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ سليمان فقير باريجو گهر اندر ستل ڀاءُ ارباب باريجو ۽ سندس ڀيڻ مسمات حرمت کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جنهن جو بعد ۾ ڪارڻ سڱاوتي تڪرار معلوم ٿيوهو، جنهن جو ڪيس اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي تي مقتولن جي ڀاءُ گل شير جي فرياد تي ڪيو ويو هو ڪيس ۾ مک جوابدار طور الهه جڙيوعرف جاڙو ۽ ٻن ٻين کي نامزد ڪيو ويو هو، کيس سول جج اينڊ جڊيشنل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت سڳوري ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته پوليس اها دعوا پڻ ڪئي هئي ته جوابدار قتل ۾ جيڪو هٿيار استعمال ڪيو هو اهو به هٿ ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين 13 ڊي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آَهي، پوليس اڃام تائين وڌيڪ ٻن جوابدارن کي به گرفتار نه ڪري سگهي آهي.