بوزدار وڏا (ن پ ا) بوزدار وڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ حبيب الله شر جي رهواسڻ فاطمه زال لياقت علي شر جو لاش 16 ڪلاڪن کان بعد ميرواھ ڪينال مان هٿ اچي ويو، بوزدار وڏا پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٽن ٻارن جي ماءُ فاطما شر گهرو پريشانين کان تنگ ٿي ميرواھ ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو انت آندو هو، هوڏانهن لاش ڳوٺ حبيب الله شر ۾ سندس گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.