ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جيل پوليس جي ڪانسٽيبل، هيڊ ڪانسٽيبل ۽ اي ايس آئيز جي پوسٽن ي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ گھروکاتي طرفان آءِ جي جيلز کي خط اماڻي ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جيل پوليس جي سپاهين، جمعدارن ۽ اي ايس آئيز جي پوسٽن کي اپ گريڊ ڪرڻ چاهي ٿي، انهي سلسلي ۾ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي، اپ گريڊيشن سان خزاني تي ڪيترو مالي بار پوندو؟ ان بابت گھروکاتي کي رپورٽ اماڻي وڃي