سجاول ۾ بااثر پورهيت کي ڪپڙن کان آجو ڪري ٿنڀي سان ٻڌي ڇڏيو

0
246

سجاول (ن پ ا) سجاول ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، با اثر ماڻهن غريب پورهيت کي ڪپڙن کان آجو ڪري هٿ پير ٻڌي ٿنڀي سان ٻڌي ڇڏيو ۽ تذليل ڪندو رهيو، ٻڌايو پيو وڃي ته غريب پورهيت تي با اثر جو 50 هزار قرض هو، پورهيت وٽ پئسا نه هئا، جنهن ڪري غريب پورهيت با اثر کان لڪندو رهيو، ڪالهه ڏينهن جو پورهيت کي پنهنجي گهران کڻي شهر آيو ۽ مين بس اسٽاپ تي پورهيت جا ڪپڙا لاهي پورهيت کي ٿنڀي ۾ ٻڌي تذليل جو نشانو بڻايو، شهرين پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي پورهيت کي آزاد ڪرائي با اثر کي گرفتار ڪري کڻي وئي ۽ ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ رشوت وٺي کيس آزاد ڪري ڇڏيو.