ڪراچي: سنڌ ڪابينا بزرگن کي آزادي ڪارڊ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه اجلاس ۾ سماجي ڀلائي واري اتي سينيئر سٽيزنز ويلفيئر رولز 2001ع پڻ پيش ڪيا، جن جي ڪابينا منظوري ڏني، انهن رولز تحت سنڌ حڪومت بزرگ شهرين لاءِ آزادي ڪارڊ جاري ڪندي، 60 سال يا ان کان وڏي عمر وارن بزرگ شهرين کي اهو ڪارڊ ملندو، جيڪو 3 سالن لاءِ استعمال جوڳو هوندو. پاس ڪيل رولز تحت ضلعي سطح تي سينيئر سٽيزنز ويلفيئر ڪاميٽيون پڻ قائم ٿينديون، 60 سال کان مٿي عمر جي بزرگ شهرين کي ڪراچي سميت سموري سنڌ جي خانگي اسپتالن ۾ علاج تي25 سيڪڙو ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 50 سيڪڙو ڇوٽ هوندي