ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگردن ي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب مستونگ ۾ آر سي ڊي شاهراهه تي اڻڄاتل هٿياربندن گشت تي مقرر پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل امداد علي ۽ ڪانسٽيبل نذير احمد شهيد ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي حملي ۾ موبائيل جو ڊرائيور معجزاڻي طور تي محفوظ رهيو.