جوهي (ن پ ا) واهي پانڌي واسين پاران بااثر حملي آور خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو، پيرسن بيوه عورت مسمات راڄل رستماڻي پٽ ممتاز رستماڻي سميت جوهي پريس پهچي احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته صدين کان گورک روڊ سان ڪريش وٽ ترسيل آھيون علائقي جا بااثر زبردستي گهرن اڳيان قبرستان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن انڪار ڪرڻ تي گهر ۾ زبردستي داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو، پوليس انصاف نٿي ڪري. کين گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.