رپڙي (ن پ ا) رپڙي ڀرسان ڳوٺاڻا  روڊ تي ناجائز والار خلاف رستن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان ڏس ۾ رپڙي ڀرسان ھميرجي شاخ جي ڪپر سان لاڙڪاڻو خيرپور باءِ پاس سان ملندڙ لنڪ روڊ جو ھلندڙ  تعميراتي ڪم ڳوٺاڻن روڪرائي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ڳوٺ امير بخش سروهي واسين وسيم احمد سروھي، نسيم احمد امام الدين سروھي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته روڊ جي ڪپرن تي بااثرن ناجائز والار ڪري جڳھون تعمير ڪري روڊ کي سوڙھو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آبپاشي کاتي پاران ھڪ طرفي ڪارروائي ڪري غريبن جون اڏاوتون ڊاھي بااثرن کي ڇوٽ ڏنل آهي، جنهن سبب روڊ صرف 8 ڦوٽ رھيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته جلد روڊ تي قائم ناجائز اڏاوتون ھٽائي قبضا ختم ڪرايا وڃن.