اڏيرولال(ن پ ا) اڏيرولال اسٽيشن لڳ بزرگ صالح شاهه جو ميلو شروع ٿي ويو، ميلي جو افتتاح مخدوم جميل الزمان جي ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز علي شاهه ۽ سياسي سماجي اڳواڻ علي محمد گهانگهلو چادر چاڙهي افتتاح ڪيو. ميلي ۾ سنڌ جا مشهور ملهه پلهوان پنهنجا جوهر ڏيکاريندا جڏهن ته ميلي ۾ گهوڙن جي ڊوڙ، ڊڳن جا پڻ مقابلا ٿيندا. ان موقعي تي ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن بزرگ جي درگاهه تي اچي دلي سڪون ملي ٿو. هن چيو ته اهڙن بزرگن جي ڪري سنڌ آباد آهي.