شھدادپور (ن پ ا) سانگهڙ جي عدالت جهيڙي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت تي شھدادپور واسي 4 جوابدارن کي هڪ هڪ سال قيد ۽ 25 ، 25 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سول جج جي عدالت ڪهاڙين ۽ لٺين جا وار ڪري ڳوٺ مراد مڪراڻي واسي نواب سولنگي، نور محمد سولنگي، مير محمد، لال محمد ۽ عورتن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن ظهير عباس آرائين، ڦوٽو لنجواڻي، شير لنجواڻي ۽ فوجي لنجواڻي کي هڪ هڪ سال قيد ۽ 25 ، 25 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالتي فيصلو جاري ٿيڻ بعد ڄاڻايل جوابدارن کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ منتقل ڪري ڇڏيو.