جوھي (ن پ ا) جوھي شھر جي حسين آباد ڪالوني مان 21 ڏينھن اڳ ھٿياربند جوابدارن پاران مبينا اغوا ٿيل معصوم نينگري سجيلا پنھور اڃا تائين بازياب نه ٿي سگھي، جوھي پوليس پاران  معصوم نينگري جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا . جوھي شھر جي حسين آباد ڪالوني مان ايڪيھ ڏينھن اڳ مبيناطور ھٿياربند جوابدارن نورمحمد لنڊ ، منظور لنڊ ، صدام عرف پپو لنڊ، عرفان لنڊ پاران غريب پورھيت پيار علي پنھور جي اغوا ٿيل معصوم نينگري سجيلا پنھور بازياب نه ٿي سگھي ، جوھي پوليس اغوا ٿيل معصوم نينگري جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا ، معصوم نينگري جي بازيابي سميت جوابدارن جي گرفتاري لاء معصوم نينگري جي پيءُ  پيار علي پنھور، حبيب الله پنھور ، مظھر علي پنھور پريس ڪلب جوھي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته ايڪيھ ڏينھن اڳ ۾ ڄاڻايل جوابدار پيار علي پنھور جي گھر ۾ زبردستي داخل ٿي سمورن گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ھٿيارن جي زور تي اسان جي معصوم نينگري سجيلا پنھور کي اغوا ڪري کڻي ويا ھئا، جنھن کي 21  ڏينھن آهن، جوھي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي باوجود به جوھي پوليس اڃا تائين اغوام ٿيل معصوم نينگري کي بازياب ناھي ڪرايو، نه ئي جوابدار گرفتار ڪري سگھي آھي. ھنن وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته جوھي پوليس اسان جو ڪو به تدارڪ نه ٿي ڪري، جوابدار سرعام شھر ۾ گھمندا ٿا وتن ، پر جوھي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته اسان کي خوف ۽ خدشو آھي ته جوابدار اسان جي معصوم نينگري سجيلا کي ماري نه ڇڏيندا. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي کان گهر ڪئي ته نينگري کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.