لاهور (م ڊ) مينار پاڪستان لاهور ۾ يوٽيوبر  عائشه اڪرم سان پيش آيل واقعي ڪيس ۾ گرفتار 141جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ نه ٿي سگهي، متاثر ناري عائشه اڪرم طبيعت خراب هجڻ سبب جيل نه اچي سگهي، سڃاڻپ پريڊ لاءِ نئين تاريخ پهرين سيپٽمبر تي رکي وئي، گرفتار جوابدارن جي گهرڀاتين جيل ٻاهران احتجاج ڪندي سندن آزادي جو مطالبو ڪيو.