صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ لڳ سنگرار ۾ 9 ڏينهن کان لاپتا معصوم نينگري جو  پتو نه پئجي سگهيو، نينگري جي بازيابيءَ لاءِ هندو پنچائت صالح پٽ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب صالح پٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،  هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن منارٽي ونگ متاثر خاندان وٽ پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. مظاهرين ڀڳوانداس، چمن، پرمانند، نهچل داس ۽ ٻين هٿن ۾ پريا ڪماري کي آزاد ڪيو، هندن سان ظلم بند ڪيو، جا پليڪارڊ کڻي انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ۽ پريس ڪلب صالح پٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ٻئي طرف ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي چيئرمين ايڊوڪيٽ الاھي بخش ميتلو، شھناز منگي، ايڊوڪيٽ حميرا راشده آرائين  ۽ ٻين سڱرار ۾ نينگري جي بازيابي لاء احتجاجي مظاھرو ڪيو.