جھول (ن پ ا)  جهول ۾ پوليس جي زيادتين خلاف ٿاڻي اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪندڙ  20  نامزد ۽ 25 نامعلوم ڳوٺاڻن خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو،  ايڊيشنل ايس ايڇ او علي گل ڪيريو جي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ پ پ جي مقامي اڳواڻ آدم خاصخيلي جي ڀاءُ علي شير خاصخيلي، پٽ ارشاد خاصخيلي، نظر محمد خاصخيلي ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جھول شھر ، ڳوٺ خان محمد خاصخيلي سميت مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پر ڪير به هٿ اچي نه سگهيو.