ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ٽرانسپورٽر سلامت علي لاکي جي پٽ جي اغوا ڪيس کي بي ڪلاس ڪرڻ واري درخواست  تي فيملي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت ايس ايس پي ميرپورخاص کي جاچ ٽيم جوڙي ٻيھر جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته فريادي سلامت لاکو جي پٽ اسد لاکو جي بازيابي بعد سندس 164 واري بيان ۽ پوليس وٽان سلامت لاکو جا ٻه ماڻھو بازياب ٿيڻ بعد ڪيس ۾ نيون ڳالھيون سامھون آيون، جنھن جي بنياد تي ھن وقت ڪيس کي بي ڪلاس ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو نٿو ٻڌائي سگھجي، جاچ بعد ٻيھر وڪيلن جي دليلن بعد عدالت فيصلو ٻڌائيندي، جنھن بعد عدالت  ايس ايس پي ميرپورخاص کي نوٽيس جاري ڪندي اغوا ڪيس بابت ٽيم جوڙي ٻيھر جاچ ڪري 15 سيپٽمر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، ياد رھي ته اسد لاکو جي اغوا جو ڪيس پ پ اڳواڻ غلام قادر مري، بلڊر نظام الدين، دريا خان مري، اسماعيل مري، رمضان مري، خان محمد مري ۽ شھزاد مري خلاف سلامت لاکو جي فرياد تي پراڻي ميرپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو. ھوڏانھن ساڳي ئي ڪيس ۾  نامزد 5 جوابدارن جون ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پڪيون ضمانتون منظور ڪري ورتيون آھن، جوابدارن ۾  دريا خان مري، چوڌري نظام، خان محمد مري، رمضان مري  ۽ شھزاد مري شامل آھن.