حيدرآباد: ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي قتل واقعي ۾ ملوث مک جوابدار کي انهن ڪوهسار فيز ون واري علائقي مان گرفتار ڪيو آهي پر گرفتار جوابدار جي سوشل ميڊيا تي ايس ايڇ او ايئرپورٽ عزيز الله سينهڙو ۽ ٻين پوليس عملدارن سان گڏ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته جوابدار کي وارثن پاڻ پوليس حوالي ڪيو آهي.