حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد جي ڪوهسار واري علائقي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل ناري اقرا مشوري واري واقعي جو عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير شهلا رضا به نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. صوبائي وزير جي نوٽيس وٺڻ بعد سيف هائوس جي انچارج ريشما ٿيٻو، ثنا چنا ۽ عاشق حسين ڪلهوڙو مقتول ناري جي گهر پهچي سندس وارثن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سيف هائوس جي عملدارن ناري جي والد خادم مشوري سميت متاثر خاندان کي خاطري ڪرائي ته هو ساڻن ڪيس ۾ معاونت ڪندا ته جئين جوابدار منطقي انجام تائين پهچي سگهن. سيف هائوس جي عملي کي وارثن ٻڌايو ته اقرا پارلر ۾ بيوٽيشن جو ڪم ڪندي هئي ۽ معمول موجب هو پارلر تي وئي جتان واپسي تي جوابدار غيور عباس ڪليار ساٿين سان گڏجي کيس اغوا ڪيو ۽ گلستان سچل سرمست واري علائقي ۾ ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. متاثر خاندان اهو به انڪشاف ڪيو ته ڄاڻايل نوجوان کانئن 2 ڀيرا اقرا جو سڱ گهريو هو پر اقرا جي عمر 16 سال هئڻ سبب انهن کيس سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي مڇرجي هن سندن نياڻي کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ايئرپورٽ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار جوابدار کان واردات ۾ استعمال ٿيل ڇري به هٿ ڪئي وئي آهي.