سکر (بيورو رپورٽ) نارا ڪئنال تي لفٽ مشينن ذريعي پاڻي کڻڻ واري معامري بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي مشتمل ٻه رڪني بينچ ڪئي، ٻڌڻي تي ڊائريڪٽر سيڊا عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ نوان ڪئنال ٺهي سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ ۾ ناري ۽ ٿر لاءِ نئون ڪئنال ڇو نه پيو ٺاهي سگهجي، جيڪڏهن اسان چئون ٿا ته سنڌو دريا تي ٽيل جو وڌيڪ حق آهي ته پوءِ اسان کي ڪئنالن تي پڻ اهو ئي فارمولو اپنائڻو پوندو، جسٽس صلاح الدين پنهور ڊائريڪٽر سيڊا کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌو دريا يا ڪئنالن کي ڪٽ ڏيڻ وارو فيصلو سياسي طور تي ٿيندو آهي يا انجنيئرنگ جي طور تي سکر ويجهو ليفٽ بينڪ وٽ دريا کي1973 ۾ ڪٽ ڏنو ويو جنهن سان نقصان تمام گهٽ ٿيو پر 2010  ۽ 2022 جي ٻوڏ  ۾ جيڪي ڪٽ ڏنا ويا ان سان جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، ان موقعي تي پٽيشنر ايڊوڪيٽ شمس الدين راڄپر چيو ته ليفٽ بينڪ تي بااثر ماڻهن کي زمينون آهن، جن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جسٽس صلاح الدين پنهور ڊائريڪٽر سيڊا کي مخاطب ڪندي چيو ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ دريا کي ڪٿان ڪٽ ڏئي سگهجي ٿو۽ نارا ڪئنال جي ڪمانڊ ايريا ڪيتري آهي، جنهن تي ڊائريڪٽر سيڊا عدالت کي ٻڌايو ته نارا ڪئنال جي ڪمانڊ ايريا 25 لک ايڪڙ  نارا ڪئنال سانگهڙ، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ ۽ ٿر جي ضلعن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو نارا ڪئنال تي 160 قانوني ۽ 176 غير قانوني لفٽ مشينون لڳل آهي، جن مان پاڻي کنيو پيو وڃي، عدالتي حڪم تي رينجرز ۽ پوليس جي مدد سان 150 کان وڌيڪ غيرقانوني  لفٽ مشينون هٽايون ويون آهن جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪمانڊ ايريا کانسواءِ ڪيتري زمين آهي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت ناراڪئنال تي ڪمانڊ ايريا کانسواءِ زمين ۽ ليفٽ مشينن ذريعي پاڻي کڻڻ جي تمام مسئلن جي نشاندهي لاءِ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي ۽ آبپاشي ۽ روينيو جي آفيسرن ۽ آبپاشي ماهرن تي مشتمل ڪاميٽي 3 مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.