ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فلم “جواءِ  لينڊ ” رليز ٿيڻ خلاف داخل درخواست رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  چيف جسٽس درخواست گذار مولوي اقبال حيدر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان فلم ڏٺي ئي ناهي ۽ پابندي  لاءِ هليا آيا آهيو،  فلم “جواءِ  لينڊ ” رليز  ٿيڻ خلاف داخل  درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار مولوي اقبال حيدر عدالت کي ٻڌايو ته فلم جو رليز  ٿيڻ آئين جي آرٽيڪل 227 جي خلاف ورزي آهي، فلم کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ کان روڪيو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس احمد علي شيخ درخواست گذار کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان فلم ڏٺي آهي؟ جنهن تي درخواستگذار ٻڌايو ته فلم جو مواد انهي قابل ناهي جو انهي تي عدالت ۾ بحث ٿي سگهي، ڪنهن کدڙي فقير جي مرد سان محبت ۽ شادي جي اسلام اجازت نٿو ڏئي، چيف جسٽس چيو ته اوهان فلم ڏٺي ئي ناهي ۽ پابندي  لاءِ هليا آيا آهيو، عدالت فلم جواءِ لينڊ جي رليز خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏي.