ڪراچي(رپورٽ:  شاهد ميراڻي) سنڌ فوڊ  اٿارٽي ۾ من پسند  آفيسرن کي اضافي چارجون مليل، 150 کان وڌيڪ فوڊ سيفٽي آفيسر ڪانٽيجنسي تي ڀرتي هجڻ جو انڪشاف، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ ۾ کاڌي پيتي جي شين جو معيار چيڪ ڪرڻ واري اداري سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ من پسند آفيسر اهم عهدن تي اضافي چارجن تي ويٺل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،جڏهن ته کاڌي پيتي وارين فيڪٽرين، هوٽلن ۽ فوڊ سينٽرن تي معيار چڪاسيندڙ فوڊ سيفٽي آفيسر به ڪانٽيجنسي تي ڀرتي ٿيل آهن. ذريعن موجب ته سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس واري عهدي تي ويٺل زراعت کاتي جو آفيسر محمد سجاد  روفي  ڊيپوٽيشن وارو مُدو پهرين نومبر تي مڪمل ٿيڻ باوجود عهدي تي ويٺل آهي، اهڙي طرح ميرپورخاص ۾ 18هين گريڊ  واري ڊپٽي ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي  17هين گريڊ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر امجد چانڊيو ويٺل آهي،  ڪراچي جي ڊائريڪٽر آپريشن رفيق ميمڻ  3  ضلعن ايسٽ، ويسٽ ۽  سائوٿ جي وجيلينس سونپيل آهي. جڏهن ته ملير جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ر رفيق قريشي کي وري 2 ضلعا ملير ۽ ڪورنگي مليل آهن ،ڪجهه مهينا اڳ ڪورنگي مان رڪوري نه ڪرڻ جي الزام هيٺ هٽايل اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رضوان شيخ کي 18هين گريڊ  جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايسٽ واري عهدي تي مقرر ڪيو ويو ذريعن موجب سنڌ فوڊ  اٿارٽي ۾ 150 کان وڌيڪ فوڊ  سيفٽي آفيسر به ڪانٽيجنسي تي ڀرتي ٿيل  آهن. جن مان ڪيترائي ملازم نوڪرين تي نٿا اچن.