ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ اڳوڻي ڊي سي جي پٽ پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو، واردات بعد پرڏيهه فرار: سندس ساٿي گرفتار، پوليس موجب ڪلفٽن جي ايِ اسٽريٽ ۾ شاهين فورس جا 2 اهلڪار گشت ڪري رهيا هئا ته بوٽ بيسن ۾ هڪ ڪار مان ڇوڪري جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون، اهلڪارن پيڇو ڪري ڪار کي روڪيو، اهلڪار عبدالرحمان ڪار جي اڳين سيٽ تي وڃي ويٺو ته پويان ويٺل ڇوڪري ٻاهر نڪري ڀڄي وئي، اهلڪار عبدالرحمان ڪار سوار کي درخشان ٿاڻي وٺي وڃي رهيو هو ته ڪلفٽن جي اي اسٽريٽ ۾جوابدار خرم نثار ۽ اهلڪار ڪار مان لٿا، ٻنهي ۾ ڏند چڪ ٿي، انهي دوران جوابدار فائرنگ ڪري اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب اهلڪار عبدالرحمان کي مٿي ۾ گولي لڳي، جنهن سبب هن موقعي تي ئي دم ڏنو. پوليس موجب ٻنهي وچ ۾ ڏند چڪ جي وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته اهلڪار جوابدار کي ٿاڻي هلڻ جو چئي رهيو آهي، اهلڪار جوابدار کي چوي ٿو ته پستول ڇو ڪڍيو اٿئي؟ جنهن تي جوابدار جواب ڏنو ته لائسنس وارو پستول آهي، منهنجي مرضي، جنهن وقت به ٻاهر ڪڍان. پوليس موجب ڏند چڪ دوران جوابدار اهلڪار تي فائر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، بعد ۾  جوابدار ڊي ايچ اي 5 ۾ واقع گھر پهچي ڪار تبديل ڪري فرار ٿي ويو، پوليس موجب شهيد اهلڪار جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب جوابدار اڳوڻي ڊي سي نثار احمد جو پٽ آهي، جيڪو وهيل چيئر تائين محدود آهي، جوابدار جو هڪ ڀاءَ فيصل آباد ۾ رهندو آهي، اسان سندس گهر تي ڇاپو هاڻي پسٽل ۽ پاسپورٽ جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي آهي، پوليس موجب جوابدار، سندس گھرواري ۽ پٽ سوئيڊن جا مستقل رهواسي آهن. ٻئي طرف اهلڪار عبدالرحمان جي قتل جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ دهشتگردي،  قتل ۽ پوليس مقابلي جا قلم به شامل ڪيا ويا. فريادي ڄاڻايو ته شاهين فورس جي اهلڪارن جي ڊيوٽي درخشان ٿاڻي جي حد ۾ هئي، اهلڪار خيابان شمشير سگنل وٽ پهتا ته ڪار مان عورت جي رڙين جو آواز آيو، جنهن تي اهلڪارن ڪار جو پيڇو ڪيو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته اهلڪار عبدالرحمان ڪار کي روڪي اڳين سيٽ تي ويٺو ته پوئين سيٽ تي ويٺل ڇوڪري فرار ٿي وئي، جوابدار خرم نثار اڳيان هلي ڪار روڪي ته ٻنهي ۾ ڏند چڪ ٿي، ان دوران جوابدار فائر ڪيا، اهلڪار عبدالرحمان به هڪ فائر ڪيو هو پر جوابدار بچي ويو. هوڏانهن شهيد اهلڪار جي جنازي نماز گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي،  هوڏانهن جوابدار برطانوي پاسپورٽ تي استنبول ذريعي سويڊن فرار ٿي ويو.