جهمپير لڳ ڪوئلي جي کاڻ ۾ 3 پورهيت دٻجي ويا

0
220
جهمپير لڳ ڪوئلي

جهمپير لڳ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم دوران ڀِڪ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 پورهيت دٻجي ويا،  ريسڪيو آپريشن دوران چاچي ڀائٽيي جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا

پورهيتن موجب ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم دوران اوچتو ڀڪ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 پورهيت دٻجي ويا،

ريسڪيو آپريشن دوران چاچي ڀائٽيي جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا، دٻجي فوت ٿيلن ۾ پورهيت شير خان ۽ سندس ڀائٽيو اڪرم بروهي شامل آهن، جڏهن ته هڪ پورهيت کي ٻاهر ڪڍي حياتي بچائي وئي