جمال شاھ (ن پ ا) جمال شاھ ۽ ڀرپاسي پيرون پچي تيار ٿي ويا آهن، پيرون خاص ڪري ٻهراڙي جا ماڻهو وڏي چاھ سان کائيندا آهن، ٻھراڙيءَ جي مسڪين ماروئڙا سڄو سال هن ميوي جو انتظار ڪندا آهن، پيرون پچي تيار ٿيڻ بعد ڳوٺاڻا سوکڙي طور ٻين شهرن ڏانهن پڻ اماڻيندا آهن، ان حوالي سان ڳوٺاڻن ٻڌايو ته کٻڙ جي وڻن جي واڍي سبب اڪثر علائقن مان پيرون ختم ٿي ويا آهن، هنن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي کٻڙ جي وڻن جي واڍي بند ڪرائي وڃي.