ڄامشورو(رپورٽر) ملڪ جي پاورهائوسز جي بندش، سرپلس پاليسي ۽ جبري برطرفين خلاف ٿرمل پاور هائوس جينڪو ون جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي آفيسن ۾ تالابندي ڪئي ۽ ٿرمل پاور هائوس جي مک گيٽ آڏو پنجين ڏينهن به ڌرڻو هنيو، مظاهرين وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته پاور هائوسز جي بندش ختم ڪري سرپلس پاليسي ۽ ملازمن جي جبري برطرفين وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. احتجاجي ڌرڻي ۾ اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، پ پ اڳواڻ پير نديم شاهه جيلاني، امتياز گرگيز، ايس يو پي اڳواڻ ديدار چانڊيو، سماجي شخصيت شيخ عبدالله ڪوهستاني، دڪاندار يونين ڄامشورو جي اڳواڻن غلام اصغر ناريجو، ظهير ڪانڌڙو ۽ ٻين حمايت طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر شورو جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت هڪ سازش تحت ادارن کي خسارو ڄاڻائي وڪرو ڪري رهي آهي، پاور هائوسز جي بندش ۽ ملازمن کي سرپلس پاليسي تحت هيٺئين پوسٽن تي مقرر ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪريون ٿا. پ پ اڳواڻ پير نديم شاهه جيلاني جو چوڻ هو ته پاور هائوسز جي ملازمن سان گڏ آهيون، سندن معاشي قتلام بند ڪيو وڃي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هائيڊرو يونين اڳواڻن عباس چانڊيو، نصير سيلرو، رياض چانڊيو، حنيف لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پاور هائوس جي ملازمن کي جبري طور برطرف ڪيو پيو وڃي، 8 سو کان وڌيڪ ملازمن کي سرپلس ڪيو ويو، جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جينڪو ون جي ملازمن کي حيسڪو، سيپڪو، فيسڪو ۽ ڪيسڪو ۾ سرپلس ڪري گريڊ ماري ننڍين پوسٽون تي رکيو پيو وڃي، پورهيت دشمن فيصلا واپس ورتا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.