ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي اوڀر ضلعي جي يوسي 6  تي ٿيل ٻيهر ڳڻپ ۾ پ پ پينل ڪامياب، ان ڏس ۾ ضلعي اوڀر جي يوسي 6 صفوران ٽائون تي ٿيل ٻيهر ڳڻپ ۾ پ پ چيئرمين احمد خان ۽ وائيس چيئرمين عبدالحق جو پينل ڪامياب قرار ڏنو ويو، پ پ پينل 2096 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته س جماعت اسلامي جو پينل 1843 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، رٽرننگ آفيسر ٻيهر ڳڻپ کانپوءِ فارم 14 جاري ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته  پ پ اميدوارن اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر ڳڻپ لاءِ  درخواست ڏني هئي.