چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر)  چڪ لڳ ٻڍو ڳوٺ ۾ شر بڊاڻي برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار  تان 2 ڄڻا قتل ٿي ويا. بڊاڻي برادري پاران سرنهن تي ٿريشر هنيو پئي ويو ته ڌرين ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي، ڌرين هڪ ٻئي مٿان راڪيٽ لانچر ۽ جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني. گوليون لڳڻ سبب شر برادري جا 2 ڄڻا چڱو مڙس شبير شر ۽ نظام شر موقعي تي مارجي ويا.لاش 2 ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا، چڱن مڙسن وچ ۾ پئي لاش وٺي وارثن حوالي ڪيا.پوليس لاش لکي غلام شاھ اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا.ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تان مارجي ويلن جو انگ 6 ٿي ويو آھي.