ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪيل 10 ايراني شهرين کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، ڪالهه ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار پاڪستاني ۽ ايراني ايجنٽن جي ملي ڀڳت سان جعلي سڃاڻپ ڪارڊن سميت پاڪستاني سفري دستاويز ٺهرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا، اهي انهن دستاويزن آڌار قطر وڃڻ جي تياري ڪري رهيا هئا، جاچ آفيسر چيو ته ان حوالي سان نادرا آفيسرن ۽ ملازمن خلاف انڪوائري جاري آهي، جاچ کي يونين ڪائونسلن جي سيڪريٽرين ۽ پاسپورٽ آفيس تائين وڌايو ويندو.