ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) جعلي چيڪ ڏيڻ تان نوجوان ڪمليش ڪمار آن لائن فاريڪس جو ڪاروبار ڪندڙ ساجن ميگھواڙ خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ جاچ بعد ڪيس داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ميرپورخاص واسي نوجوان ڪمليش ميگھواڙ عدالت ۾ وڪيل سترام سوناڻي معرفت درخواست داخل ڪرائي، جنھن ۾ ھن موقف اختيار ڪيو ته ساجن ميگھواڙ جيڪو آن لائن ڪاروبار ڪندو آھي، جنھن کي ھڪ لک 91 ھزار رپين جا چيڪ ڏنا، جيڪي پاس نه ٿيا، بعد ۾ پيسا گھرڻ تي ھن ھن جواب ڏئي ڇڏيو ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون، سيٽلائٽ ٽائون پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر انڪار ڪري ڇڏيو.