ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد ھريش ڪڙيلا عدالت ۾ پيش نه ٿيو، سندس ڀاءُ عدالت ۾ پيش، ٻڌڻي 22 آڪٽومبر تائين ملتوي، تفصيل موجب فاريڪس ٽريڊنگ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد، چيتن ڀيل، جسونت ڪمار، سليم ڇيپا، عبدالقيوم، عمران، محمد عامر، مڪيش ڪمار، محمد خان، عبدالجبار، عبدالصمد ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، جڏھن ته بقا محمد دل جو دورو پوڻ سبب پيش نه ٿيو، جنهن جي وڪيل درخواست ڏني، ھوڏانھن مک جوابدار ھريش ڪمار ڪڙيلا عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنھن بعد عدالت 22 آڪٽوبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.