ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سٽي ڪورٽ جي مال خاني ۾ لڳل باهه پوليس مقابلي ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ هيٺ آيل 2 جوابدارن کي سزا کان بچائي ورتو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس پراپرٽي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ ڪري جوابدار ذيشان شمسي ۽ سندس روپوش ساٿي کي بري ڪري ڇڏيو . عدالت چيو آهي ته جوابدارن کان هٿ آ يل هٿيار مال خاني ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي ويوهو، جوابدارن کي غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ سزا ڏئي نٿي سگهجي، مال خاني جي انتظاميا خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ويندي.