حيدرآباد( بيورو رپورٽ )سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حملي واري ڪيس مان ٽرانسپورٽر امانت لاکي سميت 2 ڄڻن جي گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي ڪيس ۾ نامزدامانت لاکو ۽ رسول بخش چانڊيو پنهنجي وڪيل هاشم لغاري معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جسٽس محمود اي خان تي مشتمل سنگل بئنچ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ٻنهي ڄڻن کي 20،20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي کين هفتي بعد لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿي ضمانت ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هڪ ڏينهن اڳ ٽنڊو الهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ سهراب مري جي رهواسي ٺاڪر مري جي فرياد تي حملي جو ڪيس چئن ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو،ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته هو بحرين گولڊن سٽي جو انچارج آهي ۽ ڪاله شام جو پنهنجي آفيس مان دوستن سان گڏ حيدرآباد پئي آيو ته باءِ پاس موڙ ٽنڊو الهيار وٽ ڪار ۾ سوار چئن ڄڻن کين روڪي حملو ڪيو جن مان ٻن ڄڻن امانت لاکي ۽ رسول بخش کي ڌمڪيون ڏنيون ته چودري نظام کي نياپو ڏنو وڃي ته سلامت کاتي چيو آهي ته بحرين گولڊ سٽي تان هٿ کنيو وڃي.