ٽورنٽو(م ڊ) ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ايڪتا ڏينهن تي سمورن سنڌين کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سنڌي ثقافتي ڏهاڙو  ملهائيندڙ هر  شخص کي مبارڪون ڏيان ٿو. هي ڏينهن ڪئناڊا ۾رهندڙ سمورن سنڌين لاءِ پنهنجي شاهوڪار ثقافت ڪئناڊا واسين سان ونڊڻ جو بهترين موقعو آهي. اميد آهي ته هن ڏينهن جي سٽيل سرگرمين مان سمورا ماڻهو لطف اندوز ٿيندا. تقريبون رکڻ ۽ سهڻو انتظام ڪرڻ تي سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا وارن جو ٿورائتو آهيان.