ڄامشور: ڪيس ۾ نامزد ڪيل سياف سنڌ يونيورسٽي جي صدر آڪاش لاکو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي ۾ به شاگردن تي ڪيس داخل ڪيا ويا پر انھن کي اسان منھن ڏئي ڪيسن کي ڪوڙو ڪيوسين هر واري انتظاميا کي ڪوڙو ڪندا اينداسين، عرفانه ملاح ۽ امر سنڌو کان سوال آهي جيڪي پاڻ کي سنڌ يونيورسٽي جون مالڪ ٿيون سمجهن پر شاگرد سياست لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ هنن جي وات ۾ مڱ پيل آهن. سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ۽ ڄامشورو پوليس کي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين. ٻئي پاسي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سياف مرڪزي صدر زيب جتوئي، سياف سنڌ يونيورسٽي جي صدر امر آڪاش لاکو، مزمل عباسي،ارسلان آريسر سميت 313 ڄڻن ايف آئي آر جي مذمت ڪندي چيو آھي ته سنڌ دنيا جو واحد خطو آھي جتي پنھنجي ثقافت سان محبت ڪرڻ به ڏوھ بڻجي ويو آھي سيد زين شاھ چيو ته پرامن شاگردن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري شاگرد سياست کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي جيڪا سنڌ حڪومت جي کليل بدمعاشي آھي. سنڌ حڪومت شاگرد سياست مان خوفزده ٿي اھڙا حربا ھلائي رھي آھي پر سنڌ حڪومت جون اھڙيون حرڪتون شاگرد سياست کي خاموش نٿيون ڪري سگھن. ثقافتي جشن تي ڪابه پابندي نه ھجڻ گھرجي سيد زين شاھ مطالبو ڪندي چيو آھي ته فوري طور سنڌ يونيورسٽي جي سمورن شاگردن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري يونيورسٽي جي ماحول سازگار بڻايو وڃي.