ڪراچي اسٽاف رپورٽر) سنڌي ٽوپي پائي ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل جو ڪيس رد،  ماتلي جي وڪيل ولي الف خان چيف جسٽس پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، وڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار سنڌي ٽوپي لاھي ڪيس ھلائڻ جو حڪم ڏنو، مون سنڌي ٽوپي لاھڻ کان انڪار ڪري ڪيس ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته معزز جج صاحب ڪيس رد ڪري ڇڏيو،  وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته جسٽس جنيد غفار خلاف محڪماتي ڪارروائي ڪري معاملي جي سپريم ڪورٽ جي ريٽارڊ جج کان انڪوائري ڪرائي وڃي، سنڌ ھاء ڪورٽ جي جسٽس کي ھدايتون ڏنيون وڃن ته ھو ڪنھن بہ پرسنل معاملي تي ريمارڪس ڏيڻ کان احتياط ڪن، جڏهن ته اسين وڪيلن چئني قومن، وفاق ۽ آئين تي يقين رکندا آھيون.