اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس جواد ايس خواجه ۽ اڳوڻي ڪاموري ناصر مسعود کوسا پنجاب جو نگران وڏووزير بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري نگران وڏي وزير جي مقرري جو معاملو هاڻ پارلياماني ڪاميٽي ۾ به حل نه ٿيڻ ۽ اليڪشن ڪميشن وٽ وڃڻ جو امڪان آهي. مليل اطلاعن موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ پي ٽي آءِ ۽ پرويز الاهي اڳوڻن ڪامورن احمد نواز سکيرا، ناصر سعيد کوسا ۽ نصير احمد خان جا نالا ڏنا هئا. جڏهن ته ن ليگ جي اميدوارن ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي، ناصر سعيد کوسا ۽ جسٽس (ر) جواد ايس خواجه جي نالن تي غور ڪيو پئي ويو. ڪالهه جسٽس (ر) جواد ايس خواجا نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ منهنجو نالو ڏيڻ جي خبر درست نه آهي، مون سان ڪنهن به راءِ نه ورتي آهي ۽ مون کي نگران وڏي وزير جي عهدي ۾ ڪا دلچسپي نه آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جي نامزد اميدوار ناصر محمود کوسا به عهدو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ن ليگ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته ناصر کوسه جي قابليت، اصول پسندي ۽ ديانتداري واضح آهي، ڪاموري جي حيثيت ۾ هن جو ڪردار فخر لائق آهي، اسان ناصر محمود سان رابطو ڪيو ته ڌرين جي متفق نگران وڏي وزير جي حيثيت سان عهدو قبول ڪريو پر هن تجويز سان اتفاق نه ڪيو. ذريعن موجب متفقه اميدوار سامهون نه اچڻ جي صورت ۾ هاڻ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ۾ ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق ٿيڻ ڏکيو آهي جنهن ڪري هي معاملو وڏي وزير ۽ اپوزيشن ليڊر وٽ حل نه ٿي سگهندو ۽ معاملو پارلياماني ڪاميٽي ۾ ويندو. جتي به برابر ميمبر هوندا ۽ اتي به اتفاق راءِ ٿيڻ جو امڪان نه آهي. جنهن ڪري هي معاملو وري اليڪشن ڪميشن ۾ ويندو ۽ اتي ئي مقرري ٿيڻ جو امڪان آهي.