لاهور(م ڊ) ڇا ق ليگ اڳواڻ چوڌري وجاهت حسين شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ نه ڏيارڻ ۽ کيس هارائڻ لاءِ پنهنجي پارٽي جي عورت ايم اين اي فرخ خان کي غائب ڪرڻ جو پلان جوڙيو آهي؟ چوڌري وجاهت جي پنهنجي پٽ حسين الاهي سان ڳالهه ٻولهه جي مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي. حسين الاهي چيو ته ق ليگ جا 5 مان 3 ميمبر ته شهباز شريف سان گڏ آهن. چوڌري وجاهت چيو ته عورت کي غائب ڪري ڇڏينداسين، ڪراڙي آهي هونئن به مرڻ واري آهي، غائب ڪرڻ ۾ 10 منٽ لڳڻا آهن، اهو ڪم لاهور ۾ ڪري ڇڏينداسين. وجاهت چيو ته ووٽ ڳڻيو ويندو يا نه؟ حسين الاهي چيو ته اعتماد جو ووٽ هوندو ان ۾ اسان جو ووٽ ته ڪنهن به طرف نه ايندو، کين رڳو 186 نمبر پورا ڪرڻا آهن، نه 172 پورا ڪرڻا آهن قومي اسيمبلي ۾. پارلياماني پارٽي انهن وٽ آهي، اڃا پارلياماني ليڊر ته مونس ڀاءُ آهي، هنن وٽ 3 آهن ۽ اسان 2 آهيون. چوڌري وجاهت چيو ته: ته عورت کي غائب ڪري ڇڏينداسين، حسين الاهي چيو ته ها اها عورت غائب ٿي وڃي ته پوءِ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. چوڌري وجاهت چيو ته ڪراڙي عورت آهي هونئن به مرڻ واري آهي، حسين الاهي چيو ته: مونس ڀاءُ کي آئيڊيا ڏيان ٿو عورت کي وڪيشن تي اماڻي ڇڏي. چوڌري وجاهت چيو ته هن کي غائب ڪرڻ ۾ 10 منت لڳڻا آهن ۽ لاهور ۾ ڪري ڇڏينداسين.