لاهور(م ڊ) ق ليگ صدر چوڌري شجاعت حسين پرويز الاهي جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي. لاهور ۾ ق ليگ صدر چوڌري شجاعت پرويز الاهي جي پارٽي بابت بيانن تي اجلاس گهرايو، جنهن ۾ طارق بشير چيما، سالڪ حسين ۽ شافع حسين شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ پرويز الاهي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو ۽ سندس رڪنيت معطل ڪئي وئي. شوڪاز ۾ چوڌري شجاعت طرفان چيو ويو آهي ته صوبائي صدر پارٽي کي ٻي جماعت ۾ ضم نٿو ڪري سگهي، پرويز الاهي غيرآئيني ۽ غيرقانوني قدم جي وضاحت ڏئي، ق ليگ سياسي جماعت طور پنهنجو ووٽ بئنڪ، ضابطا، منشور رکي ٿي، پرويز الاهي جا بيان پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي آهن. شوڪاز ۾ چيو ويو آهي ته پرويز الاهي 7 ڏينهن اندر پنهنجي غيرآئيني قدمن جي وضاحت ڏئي نه ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، وضاحت اچڻ تائين پرويز الاهي جي پارٽي جي بنيادي رڪنيت معطل ڪئي وڃي ٿي. ٻئي طرف ق ليگ مونس الاهي، حسين الاهي ۽ ڪامل علي آغا کي به شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جيڪي سيڪريٽري جنرل طارق بشير چيما طرفان جاري ڪيا. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته مونس الاهي، حسين الاهي ۽ ڪامل آغا ڪنهن جماعت ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن، اهي سيٽون ۽ عهدا توهان وٽ ق ليگ جي امانت آهن، توهان جو اهو قدم غيرآئيني هوندو، توهان ڪنهن ٻي جماعت ۾ شامل ٿيڻ چاهيو ٿا ته اسيمبلي ۽ سينيٽ تان استعيفيٰ ڏيو. نوٽيس موجب استعيفيٰ نه ڏيندئو ته ڊي سيٽ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو ويندو. نوٽيس ۾ ٽنهي کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ لاءِ 7 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي.