اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ واپسي لاءِ استعيفائون واپس وٺڻيون پونديون، پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ اچڻ ڏيو، آيا ته ڏسي وٺنداسين. ان حوالي سان  بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته نواز شريف جي پاڪستان اچڻ جي قانوني تياري مڪمل آهي. وڪيل چوندا ته پاڪستان اچي ويندو. نواز شريف سان ناانصافي نه سانحو ٿيو، پٽ کان پگهار وٺڻ تي کيس سزا ڏني وئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته نواز ليگ ڀت سان نه لڳندي، سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، نواز ليگ کي نقصان ناهي ٿيو، سوشل ميڊيا سان ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. خواجه آصف چيو ته عمران خان جا توشا خانا ۾ هٿ رڱيل آهن ۽ مٿس ڪيترائي ڪيس آهن، عمران خان جي ڏوهن جي ڊگهي فهرست آهي. پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ۾ واپسي بابت سوال تي خواجه آصف چيو ته تحريڪ انصاف کي قومي اسيمبلي ۾ اچڻ ڏيو، ايندا ته ڏسنداسين، هن چيو ته اعتماد جو ووٽ ضروري ناهي ته انهن جي چوڻ تي وٺون، پاڻ به وٺي سگهون ٿا، اسان جا نمبر پورا آهن، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ سان وفاق کي ڪو خطرو ناهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ واپسي لاءِ تحريڪ انصاف کي پنهنجون استعيفائون واپس وٺڻيون پونديون. عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي آجيان ڪنداسين، پهرئين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته اسيمبلي ۾ واپس اچو، سياستدان بڻجو. هن چيو پي ٽي آءِ واپس اچي ته اسپيڪر انهن جون استعيفائون واپس ڏئي سگهي ٿو، رانا ثناءَالله چيو ته اهي ملڪ کي ڏيوالو ڪرڻ جي مهم هلائي رهيا آهن، پنجاب ۾ ڀرپور چونڊ وڙهنداسين.