ڪراچي (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گرفتاري ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي گھر جو گھرو ۽ اڳواڻن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جسقم، ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن پاران مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، ايس يو پي اڳواڻ اميرآزاد پنهور، شاگرد اڳواڻن سرمن بروهي، علي ثقلين ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي حقن جو آواز اٿارڻ تي سنڌ جي قومپرست اڳواڻن کي گھران کنڀي گُم ڪري مٿن دهتشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. هنن چيو ته بحريا ٽائون پاران سنڌ جي قديم وسندين تي والار خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران ڪيل پرامن احتجاج بعد اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتارين بعد کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن صنعان خان قريشي کي بِنا ديرآزادڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان کان سواءِ ملير جسقم اڳواڻن ديدار شام ۽ الاهي بخش بڪڪ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مظاهرو ڪيو. حيدرآباد ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جسقم سربراهه صنعان خان قريشي جي گرفتاري واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف داخل دهشتگردي وارو ڪيس فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. ان کان سواءِ ٽنڊو محمد خان، ڪنڊيارو، راڌڻ ، هالا، دادو، فريدآباد، ڦلجي اسٽيشن، ٽنڊوالهيار، سن، شھدادڪوٽ، وارهه، قمبر، وڳڻ، ڪچي پل، رتوديرو، ڏوڪري، ميروخان، ڳڙهي خيرو، دوڙ، ٺاروشاهه، مورو، پڊعيدن، کهڙا، شھدادپور، نوشهروفيروز، سڪرنڊ، ٽنڊي آدم، ڊگهڙي، ميرپور ماٿيلو، خيرپور، راڻيپور، کپرو، پنوعاقل، ٺري ميرواھ، بوزدار وڏا، گهوٽڪي، فيض گنج ۽ ٻين شهرن ۾ جسقم ڪارڪنن مظاهرا ڪيا. هوڏانهن ايس ٽي پي پاران مٽياري، ٽنڊو محمد خان، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ٿيا.