ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڏهرڪي ۾ ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه اباڻن ڳوٺن ڏانهن پهچائڻ ۽ زخمي کي علاج جون سهوليتون ڏيڻ لاءِ سکر جي ڪمشنر کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون جڏهن ته صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو به واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.