ڪراچي (م ڊ) هلندڙ سال جي پهرين سج گرهڻ 10 جون تي ٿيندي. فلڪياتي ماهر ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر جاويد اقبال موجب سج گرهڻ روس، گرين لينڊ، اتر ڪينيڊا، اتر ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڏٺي ويندي، جڏهن ته اها پاڪستان ۾ نه ڏسي سگهبي. هن ٻڌايو ته سج گرهڻ پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ لڳي 12 منٽن تي ٿيندي، 3 لڳي 42 منٽن تي عروج تي هوندي،جڏهن ته 4 لڳي 34 منٽن تي ختم ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته سج گرهڻ دوران رنگ آف فائر ڏٺو ويندو.