حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ قومي محاذ افغان پناهگيرن سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي نيڪالي لاءِ مسلسل جدوجهد جي سلسلي ۾ 19 آگسٽ تي ٽنڊو محمد خان ۽ 25 آگسٽ تي سجاول ۾ ريلين ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ جسقم ميڊيا سيل قاسم آباد پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ريلين ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شرڪت ڪندو. جسقم چيئرمين جو چوڻ آهي ته وقت جا حڪمران سنڌ ۾ موجود افغان پناهگيرن سميت سمورن غيرقانوني ڌارين کي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس موڪلڻ ۾ سنجيده ناهن جيڪا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته سنڌ گهڻو ئي ڀوڳيو آهي. هاڻي سنڌ وڌيڪ ڌاري آبادڪاري کي برداشت نٿي ڪري سگهي تنهن ڪري بنا دير غير قانوني ڌارين کي سنڌ مان واپس پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. پڌرائي موجب ته شهيد بشير خان قريشي جي سالگرھ محروم الحرام کانپوءِ رتوديرو ۾ قومي اجتماع سان ملهائي ويندي جڏهن ته 17 آڪٽوبر تي ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ڏهاڙو  به قومي جذبي سان ملهايو ويندو.