ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ بلوچستان واري جابلو پٽي مان ايندڙ پاڻي حمل ڍنڍ ۽ ايم اين وي ڊرين ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پوءِ ايم اين وي ڊرين کي ڳوٺ چارو ڀرسان 50 فوٽ گهارو پئجي ويو آھي. گهاري کان آبپاشي کاتو بي خبر بڻيل آھي ايم اين وي ڊرين کي گهارو پوڻ سبب پاڻي ، چارو ، فيض محمد ڪولاچي ڳوٺن سميت ٻين ويجھن ڳوٺن ڏانهن وڌڻ شروع ٿي ويو آھي ڳوٺاڻن موجب ايم اين وي ڊرين جا ڪپر انتهائي ڪمزور آھن برساتي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ کان پوء ڊرين جي ڪا به مالڪي ناهي ڪئي وئي آبپاشي عملو گم آھي مٿان کان پاڻي اچي رهيو آھي مشينري نه پهتي ته سمورو علائقو ٻڏي ويندو جڏهن ته  ڳوٺاڻن پاران چيو ويو آھي ته هيوي مشينري نه پهتي ته حمل ڍنڍ ، زيرو پوائنٽ ۽ بلوچستان کان ايندڙ پاڻي وڏي تباهي آڻيندو ڳوٺاڻن پاران هيوي مشينري ذريعي ايم اين وي کي لڳل گهارو بند ڪرڻ ۽ ايم اين وي ڊرين جي ڪپرن جي مرمت ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آھي.