قمبر (رپورٽر) بلوچستان کان آيل برساتي پاڻي جي وهڪرن ۾ زيرو پوائنٽ کان لاٿ اچي وئي آھي، جڏھن ته پاڻي جا وهڪرا آر بي او ڊي ۽ حمل ڍنڍ ڏانهن هلي رهيا آھن. ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي جي انجنيئر فرحان وڳڻ ٻڌايو ته پاڻي وهڪرن ۾ هڪ فوٽ تائين لاٿ اچي وئي آھي، جڏھن ته بلوچستان کان ايندڙ پاڻي جو وهڪرو پڻ گهٽجي ويو آھي.

ٻئي طرف ڊي سي قمبر ٻڌايو ته بلوچستان کان ايندڙ برساتي پاڻي ۽ جابلو نيئن جي پاڻي جي وهڪرن سبب قبوسعيد خان، قمبر ۽ وارهه تعلقن جا ڏيڍ سو کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ متاثر ٿيا آھن، جڏھن ته پي ڊي ايم اي طرفان 500 خيما ۽ 1760 راشن بيگ موڪليا ويا هئا،جيڪي متاثرن ۾ ورهايا آھن. جڏھن ته ضلعي انتظاميا طرفان 3000 مڇردانيون ۽ 500 کٽون پڻ ورهايون ويون آھن.روينيو ملازمن مختيار ميڻو، ماجد ڀٽو، محمد خان رند مختيار ڪار آفيس اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته برسات متاثرن ۾ سامان ورهائي رهيا هياسين ته شرپسندن حملو ڪري تپيدار سرتاج چانڊيو، ڪوٽوار نجم الدين ديدڙ، ڪلارڪ آفتاب نائچ، ڪوٽوار علي گوهر ڀٽو کي زخمي ڪرڻ بعد سامان کڻي ويا، هنن گهر ڪئي ته حملو ڪندڙ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.