ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) سنڌ اسميبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ اين اي 205 ننڍي چونڊ دوران جروار ٿاڻي داخل ھنگامي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ واري ڪيس ۾ ميرپورماٿيلو جي عدالت پھتو آھي جتي فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت ۾ حليم عادل شيخ مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، جنھن تي اپوزيشن ليڊر ڏوھ مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ٻڌڻي 26 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي. حليم عادل شيخ عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيدي چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس تي ڳالھائڻ جي ڪري مون مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. ھن چيو ته سنڌ حڪومت راشن جي نالي تي ساڍا ست ارب رپيا ھڙپ ڪيا، ڪتا مارڻ جي نالي تي ھڪ ھڪ ھفتي ۾ 6، 6 ڪروڙ خرچ ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ ڪتن کي کسي ڪرڻ جي نالي تي 92 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪئي وئي.